ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد امر آهن، قربانيون رائيگان نه وينديون: علي رضا

شاهپور جهانيان ( ن ع آ ) شاهپورجهانيان ۾ جسقم پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 36 هين ورسي ملهائي وئي، جنهن جي صدارت جسقم ضلعي نوابشاهه  جي صدر علي رضا خاصخيلي ڪئي، صدارتي خطاب ڪندي علي رضا خاصخيلي چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد امر آهن، سندن قربانيون رائيگان نه وينديون، سندن ڇڏيل مشن ضرور پورو ڪنداسين، جسقم ضلعي نوابشاهه جي جنرل سيڪريٽري گل ڏاهري چيو ته سنڌ ان دور کان وٺي اڄ جي دور تائين ساڳي غلامي جي زنجيرن ۾ وڪوڙيل آهي، اڄ به وفاق جي نالي تي سنڌ جي ڦرلٽ جاري آهي، جسقم يونٽ دولتپور جي صدر نذير ڏاهري، فقير حڪيم لاکو چيو ته شهيد قومن جو سرمايو هوندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.