پ ٽ الف شاهبندر جي چونڊ، استاد اتحاد پئنل ڪامياب

چوهڙ جمالي( ن ع آ ) پ ٽ الف تعلقي شاهبندر جون چونڊون استاد اتحاد پئنل ڪامياب , پ ٽ الف تعلقي شاهبندر جي اليڪشن چوهڙ جمالي گرلس مڊل اسڪول جي پولنگ ۾ ڪرائي ويئي جنهن ۾ استاد دوست پئنل جي اميدوار حاجي غلام مصطفي جمالي ۽ استاد اتحاد پئنل جي اميدوار اياز آخوند جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو جنهن ۾ شاهبندر تعلقي جي ميل فيميل 153 استادن ووٽ ڪاسٽ ڪيا اليڪشن ڪاميٽي جي نتيجي موجب استاد اتحاد پئنل جي اياز آخوند 80 ووٽ کڻي پنهنجي پئنل سميت ڪامياب ٿي ويو جڏھن ته استاد دوست پئنل جو اميدوار حاجي غلام مصطفي جمالي 72 کڻي هارائي ويو نيتجي جو اعلان ٿيندي ئي شاهبندر تعلقي جي استادن ڪامياب اميدوارن صدر اياز آخوند نائب صدر عبدالشڪور چاوڙو , نائب صدر فيميل آپا بيبي حليمان , جنرل سيڪريٽري محبوب حسين شاھ , ڊپٽي جنرل سيڪريٽري منير آڪاش جمالي تي گلن جي ورکا ڪري اجرڪون ۽ هار پهرايا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.