ڪنڌڪوٽ ۾ واپارين جو ڊي ايف او خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ اناج منڊي ڪنڌڪوٽ جي واپارين ساگر، مهيندر ڪمار ۽  اناج منڊي جي ٻين واپارين احتجاجي مظاهرو ڪندي  چيو آهي ته ڊي ايف سي ڪشمور محمد اشرف ڪيريو ۽ فوڊ سينٽر عبدالرئوف کوسو انچارج عاقل جت ملي ڀڳت ڪري واپارين کان خريد ڪيل ڪڻڪ جي ٽن مهينن تائين رقم نه ڏني ۽ نه وري ڪڻڪ واپس ڪئي آهي اهڙيون شڪايتون ڪرڻ باوجود خوراڪ کاتي جي وزير توڙي  ڪنهن به اعليٰ عملدار نوٽيس نه ورتو آهي هنن چيو ته ٽن مهينن کان خريد ڪيل ڪڻڪ جي رقم نه ملڻ سبب انهن جا ڪروڙين رپيا رڪيل هئڻ سبب هو وڌيڪ ڪاروبار نٿا ڪري سگھن اهڙي صورتحال ۾ سندن واپار ڪاروبار ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ جن واپارين کي ٽن ميهنن کان رقم نه ڏني وئي آهي ان کي ڪڻڪ واپس ڪرائي ڏني وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.