لاڙڪاڻي ۾ عورت جو ٻارن سميت بئنڪ عملي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي هريجن ڪالوني جي رهواسڻ ميونسپل ڪارپوريشن جي رٽائرڊ عورت ملازم پنهنجي نوجوان پٽن ۽ ٻارن سان گڏجي نيشنل بئنڪ جي عملي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت پريم زال رتن هريجن پنهنجي نوجوان پٽ پريتم، سنديپ، نياڻي شرڌا ۽ ٻين ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته آءُ ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي ۾ ۾ سينيٽري ورڪر طور ڊيوٽي ڪندي هيس 60 سال جي عمر پوري ٿيڻ تي هلندڙ سال جي شروعات ۾ رٽائر ٿيس جنهن تي مون کي رٽائرمينٽ جي رقم جي مد ۾ 9 لک 65 هزار روپيه اڳوڻي ميئر خير محمد شيخ چيڪ جي صورت ۾ ڏنا جيڪو چيڪ مون نيشنل بئنڪ لاڙڪاڻي جي بئنڪ اسڪوائر برانچ ۾ جمع ڪرايو. هن الزام لڳائيندي چيو ته گذريل 22 اپريل تي منهنجي بئنڪ اڪائونٽ جو پراڻو چيڪ بوڪ نئين سر گهر ٺاهڻ دوران ڪٿي چوري ٿيو اهڙو اطلاع مون نيشنل بئنڪ انتظاميه کي ڏيڻ سان گڏ نئون چيڪ بوڪ جاري ڪرڻ جي لاءِ درخواست ڏني ۽ بئنڪ عملي کي چيو ته پراڻي چيڪ بڪ تي جيڪڏهن ڪو پئسا ڪڍرائڻ اچي ته اهڙي چيڪ کي قبول نه ڪيو وڃي پر ان باوجود جيڪو چيڪ بوڪ گم ٿي ويو هو ان مان چيڪ جي صورت ۾ منهنجي رٽائرمينٽ جا سمورا نامعلوم ماڻهو ڪڍرائي ويا جنهن بابت مون کي بئنڪ عملي ٻڌايو جنهن چيڪ بئنڪ عملي نامعلوم ماڻهن کي پئسا ڪيش ڪري ڏنا آهن ان تي آڱوٺي جا نشان لڳل آهن. هن چيو ته بئنڪ جي قانون موجب اڪائونٽ هولڊر کان بغير آڱوٺي جي نشان وارا چيڪ ڪيش نه ٿا ڪرائي سگهجن پر بئنڪ عملي غفلت جو مظاهرو ڪندي منهنجي زندگي جي ڪمائي ڪنهن ٻئي حوالي ڪري ڇڏي آهي هن وقت بئنڪ عملو اسان سان ڪو به تعاون نه ٿو ڪري ۽ نه ئي رقم ڪڍرائيندڙن خلاف ڪا ڪاروائي ڪئي آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي، اسين غريب آهيون، مون کي 6 نياڻين، ٻن پٽن ۽ اسان زال مڙس سميت 10 گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون جنهن لاءِ منهنجي نيشنل بئنڪ جي چيئرمين سميت لاڳاپيل اختيارين کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي صاف شفاف جاچ ڪرائي پئسا ڪڍرائيندڙ خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.