ڪشمور ۾ سرسو جو اجلاس، احساس پروگرام تي غور ويچار

ڪشمور( ن ع آ ) ڪشمور ۾ سرسو پاران احساس پروجيڪٽ جي تعاون سان ھلندڙ قومي سطع تي غربت گھٽائڻ واري پروگرام اين پي جي پي مان ملندڙ مال مويشي، دوڪان جي سامان، ڇڪڙا ۽ رڪشا ملڻ کان پوءِ ڳوٺاڻي تنظيمن جي ميمبرن ۾ سرھائي آئي آھي ۽ انھن گھراڻن جي آمدني ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي، اھڙي خيالن جو اظھار ايل ايس او گلشن جي ميمبرن طرفان ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي ايل ايس او گلشن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سرسو جي ڊسٽرڪٽ مينيجر منظور جلباڻي چيو ته سرسو احساس پروجيڪٽ پروگرام ذريعي ٻھڙاين ۾ عورتاڻي تنظيمن سي او وي ۽ ايل ايس او سان گڏجي غربت گھٽائڻ لاءِ ڪاوشون ڪري رھي آھي ضلعي اندر سرسو احساس پروجيڪٽ پروگرام تحت ڪم هلندڙ آهي ته جيئن مستقل بنيادن تي تبديلي آڻي سگھجي، گڏجاڻي ۾ سرسو ڪشمور جي يونٽ انچارج اويس باجڪاڻي، مرتضا کوسو،گلمير جکراڻي  ۽ پڻ شرڪت

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.