پي ٽي آءِ سکر جي اڳواڻ عزيز ابڙي جو ڏاڏو بيماري سبب گذاري ويو

سکر( رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ نادرن سنڌ سکر ريجن جي صدر عبدالعزيز ابڙو جو ڏاڏوعبدالمجيد ابڙو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد سکر جي واري تڙ واري علائقي ۾ لاڏاڻو ڪريو ويو آهي مرحوم جي جنازي نماز پڙهڻ بعد سوين آلين اکين سان کيس مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، هوڏانهن عبدالعزيز ابڙو سان سندس ڏاڏي جي وفات تي تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ حاجي ديدار علي جتوئي سکر ريجن جي اڳواڻ مبين احمد جتوئي، منور چوهاڻ سميت مختلف سياسي، سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن توڙي شهرين پاران تڏي تي پهچي ڪري تعزيت ڪئي. مرحوم جو تڏو سندس واري تڙ واري رهائش گاهه تي رکيو ويو آهي، سڀاڻي اڱاري ڏينهن سندس ٽيجھي جون رسمون ادا ڪيون وينديون

ڳڙهي خيري ۾ دعوت اسلامي پاران جشن عيد ميلاد النبي صه ريلي

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) "آقا جي آمد مرحبا, سرڪار جي آمد مرحبا” ڳڙھي خيرو ۾ دعوت اسلامي پاران جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ مفتي غلام مجتبي’ عطاري, مولانا زاھد حسين جمالي, مولانا احمد عطاري ۽ مولانا اشفاق احمد عطاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي, ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ دعوت اسلامي جي ڪارنن ۽ شھرين شرڪت ڪئي.

نواب ولي محمد ۾ واپاري ڪاروبار ۾ ڀائيواري وارا الزام رد ڪري ڇڏيا

نواب ولي محمد ( ن ع آ ) نواب ولي محمد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيٺ مشتاق آرائين پاران سندس ڪاروبار ۾ ڀائيوار هئڻ جي دعوا ڪندڙ غلام نبي ٻگهيو جي 2 ڏينهن اڳ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ لڳل الزامن کي رد ڪندي چيو ته غلام نبي ٻگهيو جاويد شاھ ۽ آئون ڪاروبار ۾ ڀائيوار هئاسين اڳتي هلي جاويد شاھ ڀائيوارو ڇڏي ويو، هي ٽئين حصي جو پيڊي ۾ ڀائيوار هو، جنهن کان پوءِ غلام نبي ٻگهيو مون سان ھر سال حساب ڪري پئسا کڻندو هو، جڏهن ته هن ڏيڍ سال اڳ ٻگهيا برادري جي معزز ماڻهون وٽ فيصلو ڇڪرايو هو، جنهن کان پوءِ حساب ڪتاب ڪري کيس 10 لک فيصلي ۾ ڏئي پيڊي مان سندس ڀائيوارو ختم ڪيو ويو،  ٻنهي ڌرين لکت ۾ ايگريمينٽ ڪيو هو

ڳاڙھو ۾ سياسي شخصيت علي محمد لاشاري لاڏاڻو ڪري ويو

ڳاڙھو ( ن ع آ ) لاشاري قوم جو قومي سردار نامور سياسي شخصيت علي محمد لاشاري 55 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو ويو سندس سوڳ ۾ ساحيلي پٽيءَ جا شهرن ڳاڙھو شاهپور اداسي سميت ننڍا وڏا ڪاروبار مڪمل بند ٿي ويا سندس جنازي نماز ۾ پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي صدر صادق علي ميمڻ انجنيئر مير حسن لاشاري سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين ۽ لاشاري برادري جي هزارين ماڻهو شرڪت ڪئي.

آرٽ ڪائونسل بحال ڪيو: ڪشمور جا فنڪار

ڪشمور(ن ع آ )ڪشمور ۾ ڊسٽرڪٽ فنڪار اتحاد ڪشمور طرفان گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ متحد ٿي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته ڪشمور آرٽ ڪائونسل جي جلد کان جلد رجسٽريشن ڪرائي ضلعي جي فنڪارن اداڪارن ۽ فنون لطيفه جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ آرٽسٽس کي متحد رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو ۔ اجلاس جي صدارت افق بشير چنا ڪئي ڪنڌ ڪوٽ کان آيل وفد سرپرست اعلیٰ ذوالفقار اترادي جي سرپرستي ۾ شرڪت ڪئي آرگنائیزر راجيش گل ثناء الله ميراڻي پانڌي خان چاچڙ شرڪت ڪئي ۽ ڪشمور ۾ جلد هڪ اصلاحي اسٽيج ڊرامو پڻ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو۔جنهن جا آرگنائيزرز استاد افق بشير چنا داد لاشاري۔ علي حسن سومرو هوندا ۔تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو،

باهو کوسي لڳ عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ ڪانفرنس

باهو کوسو(ن ع آ) باهو کوسو ويجهو ڳوٺ عبدالغني کوسو ۾ عيد ميلادلنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ عيد ميلادالنبي ڪانفرنس ٿي گذري  عالم سڳورن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي,  ڳوٺ حاجي عبدالغني کوسو ۾ مير فاروق احمد کوسو جي ميزباني ھيٺ عيد ميلادالنبي صلعم  ڪانفرنس منعقد ٿي, ڪانفرنس ۾  عالم سڳورن عيد ميلادالني صلعم جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وڌندي چيو ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن تمام وڏو ڏينهن آهي ان ڏينهن کي تمام عالم انسان وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا, ان ڏينهن هر مسلمان تي فرض آهي ته آقا صلي الله وآله وسلم جي ولادت سعادت کي ڀرپور نموني ملهائن ۽  ريليون ڪڍي جلسا ڪن ۽ باهو کوسو ۾ دعوت اسلامي پاران مسجد ۽ مدرسا لاء پلاٽ خريد ڪرڻ جو به سوچ ويچار ڪيو ويو,.  ان موقعي تي ناليواري نعت خوان محمد علي کوسو آقاء دوجهان جي شان ۾ مولود چئي محفل کي گرمائي ڇڏيو, ڪانفرنس ۾ مير فاروق احمد کوسو, حافظ نبي بخش ٽانوري, غلام مصطفا کوسو, ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.