ڀريا روڊ ۾ منشيات جو وڪرو، نوجوان تباهه

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياروڊ ۾ سماجي برايون عروج تي پهچي ويو۔ شراب چرس ۔ زيڊ ايڪيهه۔ سميت هيرون جووپرائڻ سرعام بڻجي ويو ۔پوليس توڙي ٻيا فورسز جا ادارا خاموش تماشي بڻيل۔نوجوان نسل موذي نشي ڌت بڻجي ويا۔ هيرو واپرائڻ سب ڪيترائي نوجوان موت جو کاڄ بڻجي ويا۔منشيات جو واپار بند ڪرائي نوجوانن جون زندگيون بچايون وڃن ۔ سڄاڻ ڌريون۔ تفصيل موجب ڀرياروڊ شهر سميت برپاسي جي ڪيترن ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ منشيات ڪچو شراب چرس۔ جوا ۔زيڊ ايڪهه سميت هيرون جو واپارائڻ سرعام بڻجي ويو ۔ پوليس توڙي ضلعي نوشهروفيروز فورسز ادارا خاموش تماشائي بڻيل ۔ هيرون واپرائڻ سبب هڪ سال دوران پنج نوجوان جو فوت ٿي چڪا ۔پر ان باوجود هيرون جو ڪاروبار بند نه ٿي سگهيو۔ جڏهن ته شرعام منشيات جي واپرائڻ سبب رات جو نوجوان شهر ۾ ڌت ٿي شريف شهرين کي تنگ ڪرڻ لڳا۔ جڏهن ته ان سلسلي ۾ سڄاڻ ڌرين ۔ مولوي نعمت الله بروهي ۔عبدالله ڪيريو۔روشن علي رسول بخش ۽ ٻين ٻڌايو ته زيڊ ايڪيهه جو ڪاروبار سرعام هلي ٿو۔ پوليس هر ڪيبن وارن کان زيڊ ايڪهه جو ڀتو اوڳاڙي رهي آهي هنن ٻڌايوته پوليس صرف هڪ ٻه سوپاري واپارائڻ وارن غريب مسڪينن کي پڪڙي ڪيس داخل ڪري خانا پوري ٿي ڪري باقي چرس ۔ ڪچي شراب جي اڏن تان منٿليون مقرر ٿيل آهن ۔ هنن ٻڌايو ته ۔ سفر نوناري سرعام وچ شهر ۾ چرس وڪرو ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.