آريجن لڳ ٻلهڙيجي ٽيم والي بال ٽورنامينٽ ۾ سوڀاري

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ عبدالصمد تونيو ۾ تونيا برادريءَ جي آرگنائيزر ثناءَ اللّٰه تونيو طرفان والي بال ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ ٻلهڙيجي جي ٽيم ۽ ڏوڪري جي ٽيمن وچ ۾ راند جو سخت مقابلو ٿيو جنهن ۾ ٻلهڙيجي جي ٽيم ڏوڪري جي ٽيم کي بري طرح شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي ڪاميابي بعد ٽيم جي رانديگرن ڪپتان شيراز احمد پيرزادو ۽ ٻين جشن ڪندي جهمريون هڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو جڏهن ته فائنل تقريب مختلف شهرن جي سوين شوڪينن رانديگرن تونيا برادريء جي ماڻهن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن معززين ٻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته آرگنائيزر ثناءُ اللّٰه تونيو طرفان آيل مهمان خاص پ پ اڳواڻ طحہٰ عرف سني آريجو غلام عمر آريجو آريجا پريس ڪلب جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سهيل سنديلو حنيف علي شيخ الطاف حسين تونيو ۽ ٻين کي گلن جا هار پرايا جنهن بعد  مهمان خاص پ پ اڳواڻ طحہٰ عرف سني آريجو ۽ ٻين ٻلهڙيجي جي ڪامياب ٽيم جي ڪپتان شيراز علي پيرزادو کي بوسڪي جو پٽڪو پرائي پٽڪي کي وَرَ ڏنا ۽ پيسن جا هار پڻ پارايا جڏهن ته هارايل ٽيم ڏوڪري جي ڪپتان تهمور مڱڻ کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پرايو ويو ۽ پئسن جا هار پرايا ويا ان موقعي تي پ پ اڳواڻ طحہٰ عرف سني آريجو صحافين  سان ڳالهائيندي چيو اسانکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي رانديگرن ۽ شوقينن جو جوش ۽ جذبو ڏسي والي بال پاڪستان جي قومي راند آهي رانديگرن جي حوصلا حفظائي ڪرڻ لاءِ اسان کي رانديگرن جو ساٿ ڏيڻ کپي.  جڏهن ته ٻئي طرف ڪامياب ٻلهڙيجي ٽيم جي ڪپتان شيراز علي پيرزادو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪاميابي ۾ سموري ٽيم جي رانديگرن جي جدوجهد آهي جنهن جي ڪري اسان فائنل کٽيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.