ٽنڊو مير علي ۾ گئس جي سهولت نه هجڻ خلاف احتجاج

ٽنڊو مير علي ( ن ع آ ) ٽنڊو مير علي ۾ گذريل ڏينهن ڳوٺ دين پورجي واسي غلام فريد، شفيع محمدسڌير، احمدمحمد،نويدصدام حسين، نصيراحمدملاح ۽ٻين عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيوته اسان جي ڳوٺ جي 3هزارکان وڌيڪ آبادي هجڻ باوجوداسان کي گئس جي سهولت نٿي ڏني وڃي هنن صحافين کي ٻڌايوته اڌڪلوميٽرجي مفاصلي تي گئس جي مين لائن گذري ٿي ڪيتراڀيراتڪ جي ايم اين اي۽ ايم پي اي کي درخواستون ڏئي فزيبلٽيون به ٺھرايون آهن، ليڪن خالي دلاساڏناٿاوڃن گئس منظورنٿوڪيووڃي، پ پ جا ووٽر هوندي به سهولتون ناهن، اختياريون نوٽيس وٺن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.