مبارڪپور جي 2 ڄڻن جو جمس ۾ آپريشن

مبارڪپور (ن ع آ) جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (جمس) اسپتال جي تاريخ ۾ ڪالھ ھڪ ڏينھن ۾  مبارڪپور جي 2 آپريشن سميت 33 ننڍيون ۽ وڏيون آپريشنس ڪيون ويون جن ۾ 09 جنرل سرجريون ۽ 24 سيزرس ڪيا ويا۔ جمس اسپتال جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر خالد احمد وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو ت جمس جي تاريخ ۾ ھڪ ڏينھن ۾ مبارڪپور شهر جي 2 غريب ماڻهن سميت 33 ننڍيون ۽ وڏيون آپريشنس ڪيون ويون جن ۾ 09 جنرل سرجريون ۽ 24 سيزر ڪيون ويون ان کان علاوا 13 نارمل ڊليوريون پڻ ڪرايون۔ آپريشنس ۾ حصووٺندڙن ۾ مشھور سرجن ڊاڪٽر اختيار احمد انصاري, گائني شعبي جي ڊاڪٽرافشان, ڊاڪٽر صائما ۽ ٻين ڊاڪٽرياڻين سان گڏوگڏ نشي جي  ماھر ڊاڪٽرن جن ۾ ڊاڪٽر اختر سرھيو, ڊاڪٽر ذاڪر پٺاڻ, ڊاڪٽر شھزاد منگي, ڊاڪٽر رياض سومرو ۽ ڊاڪٽر طفيل کوسو پڻ حصو ورتو. ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ پاران آسريشنس ۾ حصو وٺندڙن   جي ڪارڪردگي کي ساراھيندي چيو ت  ھي اسپتال سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻھن کي بھتيرن مفت سھولتون مھيا ڪري رھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.