لاڙڪاڻي لڳ امام حسين عه جي ياد ۾ 19 هين سالياني مجلس

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ وڏو واهڻ ۾ حضرت امام حسن عليه السلام جي شهادت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر قاسم عباسي طرفان 19 هون ساليانو مجلس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ڳوٺاڻن ۽ مومنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مجلس کي خطاب ڪندي ناليوارن ذاڪرن مولانا منظور حسين سولنگي، مولانا اسد علي شر، علامه سيد شفقت عباس شاهه، علامه رياض حسين الحسيني ۽ ٻين چيو ته الله تعاليٰ جي پياري نبي محمد مصطفيٰ ﷺ جي نواسي ۽ شير خدا مولا علي عليه السلام جي فرزند حضرت امام حسن مجتبيٰ عليه السلام کي روزي جي صورت ۾ افطار دوران زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ ان مظلوم جي جنازي کي وقت جي يزيدن تير پڻ هنيا جنهن واقعي اڄ به پوري دنيا سوڳوار آهي. هنن چيو ته الله پاڪ جي رسول صلي الله عليه وآله جا پيارا نواسا حضرت امام حسن مجتبيٰ عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جيڪڏهن مديني ۽ ڪربلا جي سرزمين تي پاڻ سميت پنهنجي صحابه جي جانن جون قربانيون نه ڏين ها ته اڄ دنيا ۾ دين اسلام جو نالو نشان نه هجي ها، هي دين اسان کي پنجتن پاڪ جي صدقي مليو جنهن لاءِ اسان کي گهرجي ته حضرت امام حسين عليه السلام جي ڏسيل رستي تي هلندي سچو مسلمان هجڻ جو ثبوت ڏيون.

موري لڳ فوتي نوجوان جي وارثن سان مسرور جتوئي جي تعزيت

مورو (ن ع آ) مورو ۾ گذريل رات ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل نوجوان معشوق علي سوھو جي جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير رئيس مسرور احمد خان جتوئي سميت شهرين سوھو برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ مرحوم کي مقامي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. پوئينرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي رئيس مسرور احمد خان جتوئي ۽ ٻين فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن سان عذرخواهي  ڪري دعا گهري ۽ چيو ته اسان سوڳوار خاندان سان ڏک ۾  برابر جا شريڪ آهيون الله تعاللي کان دعا آهي ته مرحوم کي جوار رحمت ۾ جاء عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين ياد  رهي ته سوھو برادري جي اڄ شادي رٿيل هئي خوشين جو سماع هو حادثي ۾ نوجوان معشوق علي سوھو فوت ٿيڻ ۽ غلام مرتضلي سوھو زخمي ٿيڻ کان پوءِ شادي جون خوشيون غم ۾ تبديل ٿي ويون.

مبارڪپور ويجهو کوسا برادري جو چڱو مڙس بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

مبارڪپور ( ن ع آ ) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ حاجي ڄام خان کوسو جو رھواسي جھونو سياستدان ۽ مذھبي اڳواڻ حاجي ڄام خان کوسو گڙدن جي بيماري سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ھو جنھن جي طبيعت ڪجھ ڏينھن کان خراب ھجڻ ڪري ھو گذريل ڏينھن جو 80 ورھين جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو ، حاجي ڄام خان  کوسو جي موت جي خبر علائقي ۾ باھ جيان پکڙجي وئي ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو ، ڪجھ ڪلاڪن بعد مڙھ پنھنجي ڳوٺ ۾ پھچڻ بعد ڪھرام مچي ويو ، مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي ، سماجي ، مذھبي علمي ادبي،  صحافين ۽ علائقي واسين جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي ، مرحوم کي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميرل آباد جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ تنظيم اصلاح الفقراءِ پاران جلسي جي ڪامياب تي تقريب

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) تنظيم اصلاح الفقراءِ حسينيه نقشبنديه پاڪستان ضلعي لاڙڪاڻي پاران هفتو اڳ ڪوٺايل حفظ ناموس رسالت، محبت اهلبيت ۽ عظمت صحابه ريلي ۽ جلسي جي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عالمن ۽ ڪارڪنن کي مڃتا طور شيلڊون ڏنيون ويون. شهر جي سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبرريري ۾ شيلڊون ورهائڻ واري تقريب ۾ تنظيم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي تنظيم اصلاح الفقراءِ حسينيه نقشبنديه پاڪستان ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر حافظ گل حسن جتوئي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي جنهن ڪري روزانو جي بنياد تي دڪانن جا تالا ٽوڙي چوري جا واقعا پيش اچي رهيا آهن هن وقت تائين ڦورن هٿيارن جي ذريعي يرغمال بڻائي اسان جي جماعت سان واسطو رکندڙ ماڻهن جون 200 موٽرسائيڪلون ڦر ٿيون آهن، چورين ۽ ڦرن جي واقعن بابت مون ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي شڪايتون ڪيون تازو ڪالهه ڊي آءِ جي سان فون ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن سومر ڏينهن ملاقات جو چيو آهي جيڪڏهن بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ڪيل موٽرسائيڪلون واپس نه ٿيون ته اسين روڊن تي نڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻنداسين. هن چيو ته 11 آڪٽوبر جي ڏينهن اسين حفظ ناموس رسالت، محبت اهلبيت ۽ عظمت صحابه ريليڪ ڍي جناح باغ چوڪ تي جلسو ڪرايو.

نئين ديري ۾ پ ٽ الف جي چونڊ، ڳڻپ بعد نتيجا ايندا

نئون ديرو (ن ع آ) پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي نون عهديدارن جي چونڊ لاءِ سڄي سنڌ جيان رتو ديرو تعلقي جي عهديدارن جي چونڊ لاءِ نئون ديرو ۾ به چونڊ ٿي. رتوديرو ۾ خادم استاد ۽ استاد دوست پئنلن وچ ۾ سخت مقابلي ٿي رھيو آھي جنهن ۾ خادم استاد پئنل طرفان تعلقي صدر لاء صدرالدين عمراڻي,جنرل سيڪريٽري لاءِ امداد علي ميراڻي اميدوار آهن جڏھن ته استاد دوست پئنل طرفان صدر لاءِ حاجن سيال ۽ جنرل سيڪريٽري لاءِ اعجاز احمد سيال اميدوار آھن.  تعلقي رتو ديرو اندر 1144 مرد توڙي عورت استادن جا ووٽ رجسٽرڊ آهن. نئون ديرو ۽ رتوديرو ۾ ٻه ڌار – ڌار پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا. جتي مرد توڙي عورت استاد پنهنجي پنهنجي حمايتي پئنلن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري هو. جڏهن ته ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اليڪشن بوٿن تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، پولنگ بوٿن ٻاھران ٻنهي پئنلن جي حمايتي استادن پاران ڌار ڌار ڪئمپون قائم ڪيو ويون هيون. جتان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ايندڙ استادن کي پرچي جاري ڪئي وئي. جيڪا پرچي وٺڻ بعد استاد پولنگ اندر داخل ٿي رھيا هئا. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين نتيجن جو اعلان نه ٿي سگهيو هو. ، جڏهن ته نئون ديرو واري پولنگ بوٿ تي ٿيل ووٽنگ بعد بئليٽ باڪس رتوديرو کڻايا ويا جتي ڳڻپ بعد نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.