جيڪب آباد ۾ ٿيليسيميا سينٽر جي بحالي لاءِ احتجاج

جيڪب آباد(ڊر)  جيڪب آباد۾ ٿليسميا سينٽر جي بحالي لاء آل پارٽيز ڪاميٽي پاران شھبان ابڙو عابد سنڌي جي اڳواڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ۾ شهر جي مختلف سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهي موقعي تي اڳواڻن چيو  ته ست مھينا گذري ويا آھن ٿھيلسميا سينٽر بند آھي جڏھن ته پنج سئو کان ڇھ سئو ٻار ٿليسميا جي موضي مرض ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيا آهن جن جي علاج جو بندوبست ڪرڻ سرڪار جي زميواري آهي اسان صحت کاتي جي هن مجرماني خاموشي ۽ بي ڌياني جي مذمت ڪيون ٿا جڏهن ته اسان بار بار احتجاج ڪيون پيا پر ضلعي سطح جو ڊي سي به خاموش تماشائي بڻيل آھي اسين وزير اعلي سنڌ صحت جي وزير کان مطالبو ٿا ڪريون ته  خدارا ٿھيلسميا سينٽر کي بحال ڪيو وڃي جئين ٻارن جون قيمتي انساني جانيون بچي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.