خيرپور ۾گئس جي لوشيڊنگ، انتظاميا خلاف مظاهرو

خيرپور (ڊر )  خيرپور ۽ لقمان شهر  ۾ اڻ اعيلانيل گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي وئي آهي جنهن عمل خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي لقمان شهر ۾ ريلوي ڦاٽڪ وٽ  سئي گئس جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي آفتاب احمد شيخ ، اقبال ڊکڻ، ڊولو مڪراڻي ۽ ٻيا پڻ ڪري رهيا هئا جن ٻڌايو ته گذريل هڪ هفتي کان وٺي لقمان ۽ خيرپور شهر جي ڪيترن ئي محلن ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي وئي آهي جنهن ڪري شهري سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن هنن ٻڌايو ته صبح جو ناشتي کان بغير اسڪول ڏانهن ٻارڙا  وڃن ٿا جڏهن ته سرڪاري ملازم توڙي مزدوري ڪندڙ ماڻهون به بغير ناشتي جي پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿين ٿا هنن ٻڌايو ته ڪيترائي شهري هوٽلن تان کاڌو پيتوخريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ڪيترائي دفعا سئي گئس انتظاميا کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ان جي باوجود به لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي ڪئي وڃي.  هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سئي گئس جي انتظاميا اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي ته اسان شهري سئي گئس آفيس جو گهراءُ ڪنداسين جنهن جي ذميواري سئي گئس جي انتظاميا تي هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.