جهڏي ۾ ڳوٺاڻن جو لينڊ مافيا خلاف احتجاج

جهڏو( ن ع آ ) ڳوٺ حيات خاصخيلي جي رهواسين امام بارگاهه ۽ زمين تي قبضي خلاف بااثر قبضا مافيا ۽ مقامي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو  جھڏو لڳ ڳوٺ حيات خاصخيلي واسي پورهيت عبدالحسين ڀٽي، ۽ ٻين ڳوٺ جي بااثر قبضا ۽ پنگريو ٿاڻي جي پوليس پوسٽ حيات خاصخيلي جي انچارج صوبيدار جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيات خاصخيلي ۾ 50 سال قديمي امام بارگاهه، ۽ اسان جي سروي زمين تي هڪ بااثر شخص قبضو ڪري پنهنجا دڪان اڏي ورتا آهن، هنن چيو ته اسان اهڙي زيادتي خلاف حيات خاصخيلي پوليس پوسٽ تي درخواست پڻ داخل ڪرائي آهي پر مقامي پوليس بااثر کان رشوت وٺي الٽو اسان کي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن سبب عدم تحفظ جو شڪار آهيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.