باڊهه ۾ تعلقي جي درجي لاءِ احتجاجي ريلي

باڊهه (ن ع آ) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهري مسلسل سراپاءِ احتجاج بڻيل، باڊهه تعلقه موومينٽ جي لاڳيتو هفتيوار جدوجهد 69 هين هفتي ۾ داخل ٿي وئي. هر آچر تي ٿيندڙ احتجاج جي حوالي سان سوين شهرين پاران موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ حيدر چوڪ لڳ مشهور هوٽل مصطفيٰ بروهي جي  سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ۾ باڊهه تعلقه موومينٽ ۾ شامل تنظيمن جي اڳواڻن عزيز بروهي،الھرکيوڪانڌڙو’ اصغر نوناري، منور نوناري، مفتي نصير احمد ڀٽو، دودو ديشي، آغا نور محمد بليدي، ذوالفقار علي ڪانڌڙو، عبدالحق ڪانڌڙو ايڊووڪيٽ سراج احمد سومرو، نور احمد زهري، جمال خاصخيلي، شاهد شيخ، علي انور عسڪري، نظام ڪولاچي، ، علي رضا نوناري، ، جميل اشرف چانڊيو، محمد هاشم مدني سومرو، مظهرنوشاد ڦلپوٽو، صفر مغيري، اقبال ڪانڌڙو،  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. احتجاج ۾ شامل ٿيندڙ شهرين ”ووٽ کي عزت ڏيو، باڊهه کي تعلقو ڪيو.“ جا اڀ ڏاريندڙ نعره پڻ هنيا.   ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جا اعلان موجوده حڪمران پنهنجي حڪومتن جي دوران ڪندا پيا اچن پر باقاعده ان جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪيو وڃي جيڪا هتان جي عوام سان ناانصافي ۽ ويساهه گهاتي آهي. هنن چيو ته هتان جو عوام موجوده حڪمرانن جي هلندڙ حڪومت جي گذريل 12 سالن کان وٺي انتظار ۾ آهي ته ڪڏهن ٿا حڪمران باڊهه جي عوام سان ڪيل واعدي کي پاڻي ڏين ۽ باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪن پر وقت جا انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا حڪمران پٿر جو بت بڻيل آهن. هنن چيو ته اميد ته جلد وڏو وزير پنهنجي اعلان تي عمل ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.