گلزار چني مذهبي شاعري ۾ پاڻ مڃايو:گهوٽڪي ۾ پروگرام

گهوٽڪي ( ڊ ر ) ٻوسٽ ۽ نفسانفسي واري ماحول ۾ گهوٽڪي ۾ هڪ ادبي رهاڻ , سنڌ جي نالي واري شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪري , امن , محبت , پيار ۽ پريت جي پرچار ڪئي , سنڌي ٻولي جي نالي واري نعتيه شاعر گلزار احمد چنه سان هڪ ادبي رهاڻ گلاب پبليڪيشن گهوٽڪي پاران سنڌي ٻولي جي البيلي شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسسٽنٽ ڊاريڪٽر ڪوثر ٻرڙو جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي , جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي ناليوارن شاعرن ۽ اديبن ڪوثر ٻرڙو , سيد غضنفر بخاري , اصغر علي مهيسر , غلام رسول ڪلهوڙو , عبدالحئي ڀٽو , نجم گڏاڻي , يونس ڀٽو , ساگر عباسي , رشيد ڪليري , اياز ميمڻ , ماجد سنگهڙ , سڪندر اوڳاهي , جبار مهر , حامد ڪلوڙ , سخي جان چاچڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي , ادبي رهاڻ ۾ مختلف شاعرن ۽ اديبن گلزار چنه جي شاعري ۽ زندگي تي روشني وڌي وئي , ان موقعي اديبن ۽ شاعرن ڳالهائيندي چيو ته گلزار چنو ادبي دنيا ۾ حمد , نعت , مولود لکڻ سان گڏ غزل , وايون چوسٽا لکي پاڻ ملهايو آهي , ان جي خوبصورت تخليق ۾ انسانيت ۽ محبت جا سمورا گس سمايل آهي , هنن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته گلزار چنا جهڙن ليکڪن جي وارثي ڪرڻي پوندي , گلزار اهو واحد شاعر جيڪو پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتي سان نڀائيندي اڄ به شاعري جي هر صنف تي لکي رهيو آهي , تقريب ۾ نالي واري شاعر ڪوثر ٻرڙي چيو ته اڄوڪي نفسانفسي ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ اهڙيون ادبي رهاڻ جي سخت ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.