بڊاڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا رتو رت

بڊاڻي(ن ع آ) بڊاڻي شھر ۾ معمولي ڳاله تان چاچڙ ۽ ڀٽا برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري چاچڙ برادري جا 3 ڄڻا  سخت زخمي ٿي پيا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ نقصان ٿيڻ تي ڪنٽرول ڪري ورتو زخمين ۾ حبيب الله چاچڙ محمد مٺل چاچڙ حسن علي چاچڙ شامل آهن هوڏانهن ميڊيا اڳيان دانهيندي خان محمد چاچڙ ٻڌايو ته ڀٽا برادري جي ماڻھن اچي اسانجي دڪان تي حملو ڪري اسانجي ماڻھن  زخمي ڪرڻ بعد دڪان تي پيل پئسا کڻي فرار ٿي ويا آھن اسين ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کي اپيل ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي حملي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.