راڌڻ ۾ ٽائون ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف جهولي جهلي انوکو احتجاج

راڌڻ (ن ع آ) ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جي سموري اسٽاف پاران گذريل ٻن مهينن  کان پگهارون ۽ الائونس نه ملڻ خلاف لوئر اسٽاف جي سليم احمد خاصخيلي نظير احمد بروهي، اوم پرڪاش، نديم، پرديسي ۽  معشوق جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪرڻ بعد ٽائون ڪاميٽي گيٽ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا  مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اڄ ست ڏينهن ٿي ويا مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون مگر هن وقت تائين ڪنهن به بالا آفيسر پاران ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي هاڻ ته اسان کي شهر جو ڪو دڪاندار به اوڌر تي راشن ۽ ٻيو سامان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي اسان انتهائي ڏکي زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ اگر اسان کي جلد کان جلد پگهارون نه ڏنيون ويون ته اسان پاڻ کي باه ڏئي ساڙينداسين ڇو ته اسان وٽ ٻيو ڪو به ذريعو نه آهي جنهن سان اسان پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهون ٻئي پاسي ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جي لوئر اسٽاف پاران گذريل هڪ هفتي کان ڪم ڇڏ هڙتال سبب سمورو شھر گندگي جي ڍيرن سان ڀرجي ويو آهي جڏهن ته ناليون اٿلڻ سبب شھر جي مختلف روڊن ۽ رستن تي گندو پاڻي بيهجي ويو آهي جنهن سبب شھر واسي عذاب ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جي لوئر اسٽاف جو چوڻ آهي ته جيستائين پگهار نه ملندي تيسيتائين ڪم ڇڏ ھڙتال جاري رهندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.