ٽنڊو غلام علي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

ٽنڊو غلام علي (ن ع آ )  ٽنڊوغلام علي لڳ ڳوٺ محمد عمر احمداڻي ۾ ملڪ ۽ احمداڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون ۽  ڪهاڙيون لڳڻ ڪري پيرسن عورت زينب، مسمات حوا احمداڻي، محمد ايوب احمداڻي، مولابخش احمداڻي ۽ ٻئي ڌر جو نورمحمد ملڪ، سردار سولنگي ۽ عنايت سولنگي سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا اطلاع تي صابن دستي جي پوليس پهچي سڀني زخمين کي کڻائي سرڪاري اسپتال پهچايو جتي ٻن ڄڻن ايوب ۽ مولا بخش احمداڻي جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري حيدرآباد ريفر ڪيو جڏھن ته ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھئڻ ڪري زخمي عورتن کي تعلقا اسپتال ماتلي منتقل ڪيو،ان سلسلي ۾ زخمي مولا بخش احمداڻي ٻڌايو ته اسان پنهنجي ٻني تي پاڻي جي واري تي  ھئاسين ته بااثر  عبدالبهار ملڪ، سانوڻ احمداڻي، سانوڻ ماڇي ۽ سندس ساٿين ڪهاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري اسان کي زخمي ڪري بااثر جوابدار فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.