قاضي احمد لڳ عورت جو مائٽ تي جنسي ڏاڍائي جو الزام، احتجاج

قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد لڳ فقير عبدالنبي راهو ڪالوني واسڻ مسمات اقراءِ زال فريد انڙ پنھنجي سس مسمات سڪينه زال ڪوڙل انڙ سان گڏجي پريس ڪلب قاضي احمد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  پنهنجي مڙس جي پڦاٽ الھڏنو عرف ڏنو انڙ مٿان مبينا طور الزام ھڻندي چيو ته رات جو پوئين پهر تقريبن 4 بجي منهنجي گهر ۾ داخل ٿي پسٽل جي زور تي منھنجا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري مون سان زيادتي ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته منهنجو مڙس ۽ سهرو ڪيلي جو ڪم ڪندا آهن جيڪي صبح ساجھر ڪم سان نڪتا جنهن بعد الھڏنو زبردستي اسان جي گهر ۾ گهڙي مون سان زيادتي ڪئي، جنهن جي رپورٽ اسان قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي مگر پوليس ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهي ڪيو هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار اسان کي ٺاھ ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي اسان جي انڪار تي اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ان موقعي تي هنن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.