ٿرڪول بلاڪ ون جو بيمار پورهيت اسپتال داخل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ون تي انتظامي لاپرواهي جي حد ٿي ويئي آهي،مقامي مزدورن جي لاءِ ڪا به سيفٽي جي  سهوليت موجود ڪونهي،جنهن سبب ڪم ڪندڙ پورهيتن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي،اُنهي سلسلي ۾ ڄاڻايل بلاڪ تي ڪم ڪندڙ ڳوٺ ٻانڀڻو ڀيل واري نوجوان پمن ولد چهنو ڀيل بيمار ٿيڻ باوجود انتظاميا علاج ڪرائڻ توڙي اسپتال پهچائڻ جي زحمت نه ڪرڻ ۽ پورهيت جي روئڻ بعد ڇڏي ڏيڻ واري عوامي آواز ۾ لڳڻ جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران نوٽيس وٺي ڊپٽي ڪمشنرٿرپارڪر محمد نواز سوهو کان رپورٽ گهرڻ کانپوءِ ڪمپني اندر ٿرٿلو مچي ويو آهي، جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر نويد ميراڻي جانچ تيز ڪري ڇڏي، متاثر بيمار نوجوان ۽ وارثن جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو. اُن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر جي هدايتن تي اسلام ڪوٽ مان ايمبولنس ذريعي بيمار پورهيت پمن ڀيل کي اسپتال پهچائي داخل ڪيو ويو آهي ۽ جتي علاج شروع ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي شديد بيمار هجڻ جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي ڄاڻايل بلاڪ تي ڪم ڪندڙ ڪيترائي پورهيت دربدر ٿي ويا آهن، جن کي ڪا به سهوليت نه پئي ڏني وڃي، مليل رپورٽن موجب ته اُتي ڪم ڪندڙ ملازمن کي رهائيش،کاڌي پيتي سميت باقي ڪا به بهتر سهوليت مليل ناهي، سوين پورهيت انتهائي سخت پريشان آهن، جيڪي اڪثر تنگ ٿي نوڪريون ڇڏي رهيا آهن،.  معاملا ميڊيا تي اچڻ بعد بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين ۾ ٿرٿلو متل آهي، ٻڙڌڪ متل هجڻ ڪري ٺيڪيدار پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن.

بلاڪ ون تي جانورن جهڙو سلوڪڪيو پيو وڃي:پورهيت پمن ڀيل

مٺي: اسپتال ۾ داخل بيمار پورهيت پمن ڀيل عوامي آواز کي ٻُڌايو ته بلاڪ ون تي اسان سان جانورن کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ ڪيو /پيو وڃي، مون کي هڪ مهيني کان دربدر ڪيو پئي ويو، 15 ڏينهن کان بيمار هئس، ڪافي دانهون ڪيون ته علاج ڪرايو يا موڪل ڏيو پر ڪنهن به ڪا دانهن نه ٻُڌي، رڳو هڪ ٻه ڳوريون ڏنيون ويون پر آئون وڌيڪ بيمار ٿي پيس، مون پيو مونکي موڪل ڏني وڃي گهر وڃان پر موڪل نه ڏني وئي، ڪانٽيڪٽر چيو ته 10 هزار جمع ڪرايو پوءِ موڪل ملندي، مون چيو مون وٽ پئيسا ناهن، وري به هنن ڪٽي ورتا، مونکي گيٽ ٻاهران ڇڏيو ويو ڪا به گاڏي جي سهوليت نه ڏني وئي، آئون بس ۾ چڙهي ڳوٺ پهتس. هن وڌيڪ چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڳوٺ پهچي منهنجو بيان به ورتو، طبيعت خراب آهي اڄ اسپتال داخل ٿيو آهيان، بلاڪ تي علاج جي به ڪا سهوليت ڪونهي، ميڊيا کي بلاڪ اندر دورو ڪرايو وڃي ته ڪمپني جي زيادتين جي خبر پئجي ويندي، باقي ڪو دانهن نه ٿو ٻُڌي.

معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، بيان ورتو آهي: اسسٽنٽ ڪمشنر نويد ميراڻي

مٺي:اسسٽنٽ ڪمشنر نويد ميراڻي رابطي تي ٻُڌايو تہ پورهيت جي بيماري بعد موڪل نه ڏيڻ يا پئسا ڪٽوتي ڪرڻ بابت اسان جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نوجوان پمن ڀيل جي ڳوٺ وڃي ڊاڪٽرن جي ٽيم سان گڏ بيان ورتو آهي ۽  پورهيت کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، عوامي آواز ۾ خبر لڳڻ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پاران نوٽيس وٺڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي آئون جاچ ڪري رهيو آهيان، بلاڪ ون جي انتظاميا کان به بيان وٺندس جنهن بعد رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر وٽ جمع ڪرائي ويندي، اسان جي ڪوشش آهي ته مزودورن سان انصاف ٿئي، مزدورن سان ڪا به زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي.

بلاوڪ ون تان موڪل وٺي گهر وڃڻ لاءِ 10 کان 20 هزار رپيا جمع ڪرائڻ جو شرط رکيل

مٺي:بلاڪ ون تان موڪل وٺي گهر وڃڻ 10 کان 20 هزار جمع ڪرائڻ جو شرط رکيو ويو،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته مزودورن کي مزدوري تي لڳائيندڙ ڪانٽريڪٽر وچ  ۾ اهڙو غلط عمل ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ٽي مهينا توڙي مهيني بعد موڪل تي ويندڙ ملازمن کان ڪٽوتي سبب هُو خالي هٿين گهر ويندا آهن،اهڙا واقعا هاڻي سامهون اچي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.