ٽنڊو مستي ۾ راڄڙ برادري جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

ٽنڊو مستي ( ن ع آ ) 20 ڏيهن اڳ ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي داد راڄڙ ۾ راڄڙبرادري جي ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن  جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندن وارثن پاران  شاھ بخش راڄڙ، محمد عرس راڄڙ، امداد علي، محمد رمضان، وريام خان راڄڙ ۽  ٻين  ٻارڙن  سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو  ته  جوابدارن يعقوب راڄڙ، رستم راڄڙ، غلام قادر، ابراهيم، شهمير راڄڙ ۽ ٻين اسان جي ٻن  نوجوانن سهراب ۽ محرم راڄڙ کي يدرديءَ سان گوليون هڻي قتل ڪيو  ۽ 10 کان مٿي شديد زخمي ڪيا ويا پر هيئر تائين اسان سان ڪوئي انصاف ناهي ڪيو ويو نه ئي جوابدارن خلاف ڪوئي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، هنن جو چوڻ آهي ته ڪنب ايس ايڇ او عبدالجبار ميمڻ به جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي، هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.