خاڻوٺ ۾ ٽرڪ ۽ ڪيري جي ٽڪر ۾ عورت، ٻارڙي سميت 4 زخمي

مانجهند ( ن ع آ ) خاڻوٺ انڊس هاءِ  وي تي سيوهڻ کان ڪراچي طرف ويندڙ ڪيري جو ڪوئلي جي بيٺل ٽرڪ کي پويان ٽڪر لڳڻ  جي نتيجي ۾ عبدالغفور ابڙو ، نظام ابڙو، هڪ عورت ۽ ٻه ٻارڙا زخمي ٿي پيا،  زخمين کي واٽهڙو گاڏين جي ذريعي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج جاري هو، هوڏانهن خاڻوٺ پوليس ڪيري ۽ ٽرڪ کي پنهنجي تحويل۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ڪوٽڙي ۾ 4 سال اڳ ڪارنهن الزام ۾ زال ماريندڙ گرفتار

ڪوٽڙي ( ت ر ) ڪوٽڙي ۾ چار سال اڳ زال کي ڪاري ڪري ماريندڙ ۽ ٻن معصوم ٻارن کي مرڻينگ ڪندڙوحشي صفت جوابدار  پنجاب جي شهر بهاولپور مان گرفتار، عدالت جوابدار کي عدالتي رمانڊتي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.جوابدار مٿان 2016 ۾ ڪوٽڙي ۾ زال کي مارڻ ۽ ٻن ٻارن کي زخمي ڪندڙ کي پوليس سوگهو ڪيو

حيدرآباد ۾مُڪيش بارٿاڻي جي ڪتاب ”سُوريه اَست نيپال مَست“ جي مھورت

حيدرآباد(رپورٽر) بزم رُوح رھاڻ پاران نوجوان ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ ڪالم نگار مُڪيش بارٿاڻي جي ڪتاب ”سُوريه اَست نيپال مَست“ جي مھورت ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي مهورت بزم روح جي قاسم آباد ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪئي وئي. ڪتاب  سفر نامي تي مشتمل آهي. تقريب دوران مڪيش بارٿاڻي کي حميد سنڌي مڃتا ايوارڊ به ڏنو ويو. پروفيسر قاضي خادم حسين، ليکڪ تاج جويو، پارس حميد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مُڪيش بارٿاڻي جي ڪتاب ۾ نيپال بابت مختلف اکين ڏٺا احوال لکيل آهن جنهن ۾ سماجيات ۽ تعليم بابت به ڄاڻ ملي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.