ٽنڊي آدم ۾ هڪ ئي رات 4 چوريون، بدامني خلاف هڙتال، احتجاج

ٽنڊو آدم (ت ر) ٽنڊوآدم ۾ پوليس شهرين کي چورن حوالي ڪري اگهور ننڊ ۾ ستل آهي گذريل رات چورن جي ٽولي وچ شهر ڪالي روڊ تي ٽن ڀاڻ جي ڊيلرن اڳوڻي ميونسپل وائيس چيئرمين ميان ناظم آرائين ، اڳوڻي تعلقه نائب ناظم شيخ لياقت  علي ۽ جامع مسجد واري گهٽيءَ مان رائو خليل احمد جي دڪانن جا شٽر ٽوڙي ، روڪ رقم ،  چيڪ بڪ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري سي سي ٽي وي ڪيمره به ٽوڙي ڇڏيا ، چورن جي ساڳئي ٽولي حيدرآباد روڊ تي واقع موٽر سائيڪل جي ڊيلر ساجد ڊوگر جي دڪان جا شٽر ٽوڙي 4 لک 12 هزار روڪ ، سيل ليٽر ۽ ٻيو رڪارڊ چوري ڪري فرار ٿيڻ کان اڳ سي سي ٽي وي ڪيمرا پڻ ٽوڙي ڇڏي ، جڏهن ته راڄڙ ڪالوني مان چاٻي چور ڊاڪٽر محمد علي پلي جي گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف فرٽيلائيزر ايسوسيئيشن پاران احتجاج طور ڀاڻ جا دڪان بند ڪري علامتي هڙتال ڪرڻ کان پوءِ بدامني خلاف اڳواڻن ميان ناظم آرائين ، شيخ لياقت علي ، امتيازانصاري ، رضوان چندريگر ، محمد اقبال ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.  ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته ٽنڊوآدم پوليس ننڊ پيل آهي شهر کي ڏوهارين جي حوالي ڪيو ويو آهي چورن جو ٽولو شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڪلوميٽر جي مفاصلي تي دڪانن جا شٽر ٽوڙي لکين روپيه چوري ڪري ويا پوليس ڪٿي هئي هنن چيو ته موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن 20 ڏينهن اڳ سوناري رفيق راجپوت جي گهر مان 30 لکن جو ڌاڙو لڳو پوليس اڃان تائين جوابدار گرفتار ناهن ڪيا شهري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن هنن چيو ته بد امني تي ضابطو نه آيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ٻئي طرف انجمن تاجران جي وفد محمد اقبال ڀٽي ، نوشاد شيخ، حبيب خان ، عبدالقدير خان ۽ ٻين سانگهڙ پهچي ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني صديق سان ملاقات ڪري بدامني خاص طور سوناري رفيق راجپوت جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او سٽي راجه نويد سرفراز کي فوري طور هٽائڻ جي گهر ڪئي ان سلسلي ۾ واپاري اڳواڻ نوشاد شيخ ٻڌايو ته ايس ايس پي تي واضح ڪيو آهي ته ايس ايڇ او نااهل آهي آي آءِ جي حيدرآباد کيس سوناري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن جو ٽائيم ڏنو جيڪا مهلت به پوري ٿي وئي پر جوابدار گرفتار نه ٿيا جيڪڏهن بد امنيءَ تي ڪنٽرول نه ٿيو ۽ ايس ايڇ او کي نه هٽايو ويو ته احتجاج جو سڏ ڏينداسين جڏهن ته انجمن صرافان پاران سوناري گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ لاءِ احتجاج طور شهر جي مختلف هنڌن تي بينر لڳايا ويا آهن

غوثپور ڀرسان ٽن ڄڻن کان ڦر لٽ، واقعي خلاف احتجاج

غوثپور( ن ع آ )  خانپور پوليس ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تي 4 نامعلوم هٿياربندن غوثپور واسي 3 ڄڻن محمد اسماعيل لولائي  ممتاز شيخ گلزار احمد ڀيو کان روک رقم موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ پوليس واقعي واري هنڌ  ن پهتي واقعي خلاف متاثر جو احتجاجي مظاهرو انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو مسافر سخت پريشان پوليس منٿون ڪري روڊ کولائي ڇڏيو ۾ متاثرين محمد اسماعيل چيو ته خانپور ۾  بدامني چوٽ چڙھيل آهي اغوا ۽ ڦر جا واقعا معمول بڻيل آهن اسين ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيون ٿا ته سامان واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

ڊکڻ ۾موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش، احتجاج، ڌرڻو

ڊکڻ ( ن ع آ ) ڊکڻ لڳ غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ  مولا بخش جکراڻي جي جکراڻي برادري جي ڳوٺاڻن بدامني ۽ غلام شاھ پوليس  خلافحضور بخش جکراڻي،سونو جکراڻي،سهڻو جکراڻي،نذاقت جکراڻي جي اڳواڻي ۾ 32 پل لاڙي وٽ جيڪب آباد-رتوديرو انڊس هاءِ وي تي رڪاوٽون رکي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي،مظاهرين دانهيندي چيو ته هٿياربندن اسانجي ڳوٺاڻي حضور بخش جکراڻي کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي مٿس فائرنگ ڪئي آهي،غلام شاھ پوليس وٽ دانهڻ ويا آهيو،پر پوليس ڪو قدم ناهي کنيو، پوليس ڪن لاٽار ڪري پئي، غلام شاھ ٿاڻي جي حد ۾بدامني وڌي وئي آهي، غلام شاھ پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جيستائين ڪيس داخل نه ڪيو ويندو،ريستائين احتجاج جاري رهندو، ڌرڻي جي 2ڪلاڪن بعد ايس ايڇ او غلام شاهه مشعوق شر مظاهرو سان ڳالهايون ڪري روڊ کولرايو.

ٽنڊي الهيار مارڪيٽ جي دڪانن مان لکين رپين جي چوري، احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ٽنڊوالهيار جي چمبڙ روڊ تي واقع عبدالله موبائيل مارڪيٽ ۾ صبح جو سوير نامعلوم چور موبائيل مارڪيٽ ۾ داخل  ٿي چوڪيدار غفار خانزاده کي يرغمال بنائڻ بعد تشدد ڪري 14 موبائيل دوڪانن سميت هڪ موٽر سائيڪل شوروم جا تالا ٽوڙي لکين روپين جا موبائيل فون ۽ ٻيو سامان  کڻي فرار ٿي ويا جنهن بعد موبائيل مارڪيٽ جي دوڪاندارن پاران ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي  دوڪاندارن نعيم خانزاده . اقبال خانزاده . عطيق سمون ۽ ٻين چيو ته نامعلوم چور دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جا موبائيل ۽ ٻيو قيمتي سامان  کڻي ويا آهن اهڙي قسم جي چوري اڳ به ٿي چڪي آهي پر پوليس اڃان تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو هنن چيو ته پوليس کي بار بار چوڻ جي باوجود اسان کي سيڪيورٽي نٿي فراهم ڪئي وڃي چورن کي فورن گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي پاسي اهڙي واقعي جو ايس ايس پي رخسار احمد کهاوڙ نوٽيس ورتو ايس ايس پي موجب اسان پنهنجون ٽيمون ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ روانيون ڪري چڪا آھيون جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويندو.

قمبر ۾ بدامني خلاف درزي يونين جو احتجاج

قمبر( ن ع آ) درزي يونين ۽ سوشل ورڪرن پاران موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو،ان موقعي تي  اڳواڻن صدام حسين چانڊيو،طارق سيال،لالا واجد گوپانگ،استاد خالد مارفاڻي،حبدار گاڏهي،طارق چنو ۽ ٻين چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ بس اسٽيڊ ڀرسان طارق سيال جي دڪان وٽ بيٺل موٽرسائيڪل جا تالا ٽوڙي موٽرسائيڪل چور ڪاهي فرار ٿي ويا اسان سٽي پوليس وٽ دانهيوسين پر پوليس اسان کي سکڻا آسرا ڏئي رهي آهي هنن اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي .

خانپور لڳ هڪ ئي ڏينهن ڦر ۽ چوري جا 2 واقعا

خانپور(ن ع آ ) مين بازار مان عمران آرائين جي دوڪان جا شٽر ٽوڙي هزارين روپين جا موبائيل سيٽ ۽ ٻيو سامان چوري ۽ پي ايس او ڊيپو ملازم صغير ڀٽي کان موٽر سائيڪل موبائيل فون ۽ روڪ رقم  سميت 4 وارڌاتون پڻ ٿيون آھن ۔ خانپور ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي تي لهر لاڙي ڀرسان نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي سکر کان غوثپور ويندڙ ڪار کي روڪرائي ان ۾ سوار واپارين  گلزار ڀيو ,  ممتاز شيخ , عبدالڪريم ڀيو , مولوي محمد اسماعيل لولائي کي يرغمال بڻائي کانئن هزارين روپيا نقد رقم , موبائيل فونز ۽ ٻيو سمورو قيمتي سامان ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا هوڏانهن ساڳئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمود شاه مان نامعلوم هٿياربند ڳوٺاڻي باغن شاه جي گهران 2 لک ماليت جي هڪ ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا ڦر ۽ چوري  ٿيل سامان واپس ڪرائي ملوث  ڏوهارين کي گرفتار ڪرائي امن وامان بحال ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي ۔ .

همايون شريف ۾ ٽن دڪانن جا تالا ٽوڙي لکن جي چوري

سلطان ڪوٽ ( ن ع آ ) نامعلوم چورَ همايون شريف ۾ دڪانن جا تالا ڀڃي روڪ رقم ۽ سامان چورائي ويا، پوليس اگهور ننڊ ستل سلطان ڪوٽ: نامعلوم چورن  عبدالحڪيم کوهارو جي دڪان جا تالا ڀڃي 70 هزار روڪ رقم ۽ پرچون سامان چورايو جڏهن ته سيد ياسين علي شاهه جي دڪان جا تالا ڀڃي LCD ۽ موبائل ايسيسريز جو سامان چورايو ۽ اياز علي ٻرڙو جي دڪان جا به تالا ڀڃي موبائل ايسيسريز جو سامان چورائي ويا متاثر دڪاندارن ٻڌايو ته هن بازار ۾ 3 چوڪيدار به مقرر ٿيل آهن انهن جي غفلت ۽ پوليس جا ناقص ڪارڪردگي سبب هڪ ئي رات ۾ 3 دڪانن مان چوري ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي.  جڏهن ته اسان جا دڪان همايون شريف جي مُکِيا بازار ۾ دڪان آهن .

اوڏيري لال وليج ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، ڏوهن ۾ اضافو

اوڏيرولال (ن ع آ) اوڏيرولال وليج ٿاڻي جي حد ۾ بدامني  چوٽ چڙهي وئي، ڏوهن  ۾ اضافو،  ڊي سي آفيس مٽياري جي ڪلارڪ ممتاز پنڃارو کان 71 موري وٽ ڏينهن ڏٺي جو ٽن هٿياربندن کيس يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ روڪ رقم، موبائيل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺ ابوبڪر موريجو وٽان ٽنڊوالهيار جا رهواسي اوڏيرولال وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن يرغمال بڻائي عورت سميت سخت تشدد جو نشانو بڻائي روڪ رقم، موبائيل فون ۽ سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع جي باوجود حد جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن سبب علائقي واسي سخت خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ اوڏيرولال وليج پوليس ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنهن به ملوث ڏوهاري کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

ميان صاحب لڳ نوجوان کي يرغمال بڻائي ڦر،پوليس ننڊ ستل

ميان صاحب ( ن ع آ ) لوڊرا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهہ جيڪب آباد شڪارپور روڊ تي شڪارپور ويندڙ ميان صاحب واسي پورهيت شاهہ  رخ ٿهيم کي نامعلوم هٿياربندن يرغمال بڻائي مٿس تشدد ڪري سي ڊي موٽرسائيڪل روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع متاثر پورهيت پاران لوڊرا پوليس کي ڪيو ويو ياد رهي تہ لوڊرا ٿاڻي جي حد مان هٿياربندن طرفان هفتي اندر موٽرسائيڪل ڦر جو هي پنجون واقعو آهي پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪا بہ ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي ۽ نہ ئي ڦرلٽ واقعن جا ڪيس داخل ٿي سگهيا آهن.

درياخان ۾ ٺڳ موٽرسائيڪل ڪاهي ويو

درياخان مري )ن ع آ) منگياناڪو عمراڻي آٽوز تان نامعلوم شخص ونٽو فاء 2021 ماڊل موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويو شوروم مالڪ جا ٻئي هٿ مٿي تي رابطو  ڪرڻ تي شوروم مالڪ دريا خان مري واسي مظهر عمراڻي ولد نبي بخش عمراڻي ٻڌايو ته شوروم تي هڪ  گراھڪ ون ٽو فاء موٽرسائيڪل خريد ڪرڻ آيو ۽ اسان کي اين آئي سي ڪارڊ ڏنائين ته توهان رسيد ٺاهيو ته مان موٽر سائيڪل تي چڪر ڏئي اچان ٿو ڪافي دير گذرڻ  باوجود نه موٽيو ۽ نئين ونٽو فاء گاڏي ڪاهي فرار ٿي ويو جڏهن ته شناختي ڪارڊ کي ڏٺو ۽ جاچ ڪئي ته شناختي ڪارڊ وچان ئي ڪنهن ٻئي ماڻهو جو ڏئي ويو آهي جڏھن ته حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.