آريجن لڳ ڊمپر جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت

خير محمد آريجا (ن ع آ ) خير محمد آريجا لڳ بقاپور ٿاڻي جي حد اوٺا چوڪ نيشنل هاءِ وي روڊ تي ڳوٺ فريد آباد کان لاڙڪاڻو ويندڙ  ٽن دوستن جي موٽرسائيڪل کي تيز رفتار ڊي بلوچ ڪمپنيءَ جي تيز رفتار ڊمپر جو ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ فريد آباد واسي ٻه نوجوان سمير علي سيال ولد حاجي سيال ۽ سندس دوست گلزار منگي ولد حاجي گل حسن منگي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زبير عرف بابر سيال سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي بقاپور پوليس ۽ ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿي ويل نوجوانن جا مڙهه ۽ زخمي نوجوان کي کڻائي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو جتان بقاپور پوليس ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد مڙه وارثن حوالي ڪيا. جڏهن ته فوتي نوجوانن جا مڙهه گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو ۽ سندس وارث عورتون مڙه کي چنبڙي زارو زار روئي رهيو هيون جڏهن ته نوجوانن جي مڙه کي جنازي نماز بعد سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جتي سندن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته بقاپور پوليس واقعي ۾ ملوث ڊمپر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.