آريجن لڳ نوجوان جي شادي نه ڪرائڻ تي خودڪشي

خير محمد آريجا (ن ع آ ) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ مهراڻي شاخ جو رهواسي شادي شده 28 سالا نوجوان نادر مشوري ولد غلام شبير  مشوري جنهن 10 سال اڳ پنهنجي برادري مان شادي ڪئي هئي ان گهر واري مان هن کي 2 پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد هئس جنهن بعد شيخ برادري جي هڪ عورت سان پيار ٿي ويو هن پنهنجي ماءُ کي چيو ته مونکي ان سان شادي ڪرايو جنهن تي سندس ماءُ هن کي چيو ته تنهنجو پيءُ فوت ٿي ويو آهي گهر جو وڏو تون آهين تون جو اهڙا ڪم ڪندي 5 ٻارن جي پيءُ آهين ڪجھ حياءُ ڪر جنهن تي هن ماءُ کي چيو ته منهنجي شادي ڪراءِ نه ته مان پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيندم  نادر مشوري جي ٻي شادي جي خواهش پوري نه ٿيڻ ڪري اڄ هن پنهنجي گهر جي ڪمري جو در بند ڪري پنهنجي ڪک پسٽ جي گولي پاڻ کي زخمي ڪري وڌو جنهن بعد هن کي سندس وارث زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي هن زخمن ج سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو مرحوم جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو سندس امڙ ۽ وني کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا مرحوم کي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ڳوٺ مهراڻي شاخ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو واضع رهي تي مرحوم سوڳوارن ۾ هڪ وني 2 پٽ ۽ 3 نياڻين جواولاد ڇڏي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.