ڪنري ۾حادثي جو زخمي نوجوان ڊاڪٽر نه ملڻ ڪري فوت

ڪنري (ت ر) ڪنري جي پاڙي رحمت ڪالوني جو رھواسي 25 ورھين جو نوجوان ڊاڪٽر دانش پٽ خوشحال ميگھواڙ ڪنري مان عمرڪوٽ  ۾ قائم دل جي مريضن جي اسپتال ۾ ڊيوٽي تي وڃي رھيو ھو ته فقير عبدالله اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو جتي ڊيوٽي تي ڊاڪٽر موجود نه ھو جنھن سبب ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. اسپتال ۾ فوت ٿيڻ سبب فوت نوجوان جي وارثن سخت احتجاج ڪندي دانھيو ته اسان جي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي  حالت ۾ اسپتال آندو ويو جتي ايمرجنسي جي ڪابه سھولت موجود نه ھئي ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽر به ڪونه ھو جنھن سبب ھن جو موت ٿيو، ھنن ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي جو مطالبو پڻ ڪيو، ٻئي پاسي لاش ضروري ڪاروائي بعد وارث گھر کڻائي ويا، فوتي نوجوان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جي پرسنل سيڪريٽري جو پٽ ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.