شهدادڪوٽ ۾ روڊ حادثي سبب نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

شھدادڪوٽ  (ڊر) شھدادڪوٽ ويجهو بھرام ٿاڻي جي حد سندو واھ وٽ قمبر شھدادڪوٽ روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل  ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾  35 ورھين جو موٽرسائيڪل سوار محمد ايوب بروھي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي رستي ويندڙ اسپتال کڻائي پئي آيا پر ھن رستي ۾ ئي دم ڏنو,ھوڏانھن حادثي بعد ڪار ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو, فوتي نوجوان ڳوٺ گولو واھ لڳ گھر پنھنجا جو رھواسي ھو جيڪو ڪم سانگي حاڪم شاھ پل تي موٽر سائيڪل تي وڃي رھيو ھو ته رستي ۾ ساڻس حادثو پيش آيو,ھوڏانھن فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.