لکي غلام شاهه لڳ ڪينال تي ڪريل پل نه ٺهي، لاش ڦٽا رکي گذاريو ويو

لکي غلام شاھ(ن ع آ ) لکي غلام شاھ لڳ رڪ ريگوليٽر وٽان نڪرندڙ وارھ ڪئنال جي ڪريل پل ستن مهينن کان نئي سر تعمير نه ٿي سگهي آهي، ڪراچي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ايس ايڇ او قربان علي ميمڻ بيمار رهڻ بعد  ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو لاش اباڻي قبرستان رڪ ۾ دفنائڻ لاءِ آندو بعد ۾ آخري آرام گاهه طرف کڻي ويندڙ سوين ماڻهن پاران لاش کي ڪريل وارھ پل جي ٽٽل ڦٽن تان مڙه کي گذاري قبرستان ۾ دفنايو ويو جڏهن ته رڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن پاران پل جي نئي سر تعمير لاءِ سوين ڳوٺاڻن ديدار ميمڻ. هدايت الله ميمڻ. ساگر حسين مهر. وڏيرو علي شير مهر. علي شير. ۽ ٻن احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهون ڪيون ته اسان سان ظلم آهي پل تعمير نه ٿيڻ ڪري سخت پريشاني جو شڪار آهيون ست مهينا گذري وڃڻ باوجود پل تعمير ناهي ٿي سگهي جلد پل جي نئي سر تعمير ڪري ڳوٺاڻن جي بيچئني ختم ڪري ڏني وڃي نه ته احتجاج دائرو وڌايو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.