جيڪب آباد ۾ 2 ڄڻا گرفتار، وارثن جو احتجاج

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد بابو محلا جي رهواسي جمالي برادري پاران سادن ڪپڙن ۾ پوليس ٻه ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج  ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ان موقعي تي متاثرين محمد جان جمالي دلبر علي محمد اقبال ۽ ٻين چيو ته صبح جو سوير ريلوي پوليس جو اي ايس آء غلام قادر جعفري سادن ڪپڙن ۾ ٽن ھٿياربندن سان گھر ۾ گھڙي اسان جا ٻه نوجوان محمد اسلم ۽ اعجاز جمالي کي کڻي ويا آهن اسان ريلوي پوليس ڏي وياسين ته اسان کي ڪجهه ٻڌائڻ لاء تيار ناهن جڏهن ته ريلوي پوليس اعجاز جمالي کي ٿاڻي تي رکيو آھي ۽ اسلم کي گم ڪيو ويوآهي اسان حد جي ٿ سول لائين ٿاڻي تي به وياسين سول لائين پوليس به ڪجهه نٿي ڪري اسان جو گھر سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿو هنن ريلوي پوليس جي اي ايس آء غلام قادر جعفري خلاف ڪاروائي جي گهر ڪندي چيو ته گرفتار نوجوانن کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.