سجاول ۾ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون،3 ڄڻا گرفتار

سجاول ( ڊ ر ) ايس ايس پي سجاول الطاف حسين جي سخت هدايتن تي ضلعي پوليس پاران ڏوهارين, منشيات فروشن خلاف ڪاروائيون  ڪيون ويون انهي سلسلي ۾ ايس ايڇ او سجاول آفتاب جاگيراڻي خفيه اطلاح تي ڀٽي روڊ لڳ پٺاڻ واهه وٽ ڪاروائي ڪري موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ گروه جي ٻن ڄڻن نادر هاليپوٽو ۽ قاسم سومرو کي گرفتار ڪري ورتو جوابدارن جي قبضي مان ٻه نيون موٽر سائيڪلون هڪ ڪارتوسي پستول ٻن ڪارتوس سميت هٿ ڪري ورتو جوابدار سجاول پوليس کي پهرين ڪيس ۾ به گهربل هئا جوابدارن خلاف سجاول ٿاڻي تي آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو وڌيڪ جانچ جاري آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او دڙو صفدر سولنگي گشت دوران باء پاس روڊ تي ڪاروائي ڪندي پير ڏنو شاهه کي 10 ليٽر ڪچي شراب ٺري سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدار خلاف دڙو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو بٺورو پوليس گشت دوران مهر شاه گرائونڊ تي ڪاروائي ڪري غلام قادر سوهو کي ٻه سئو گٽڪن سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدار خلاف بٺورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.