پارليامينٽ ھوندي صدارتي آرڊيننس جاري ٿيو:سسئي پليجو

ڌاٻيجي( ن ع آ) پ پ ضلعي جي مختلف تعلقن تعلقي ساڪري مان  سينٽر سسي پليجو ،ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو  ،غلام قادر پليجو تعلقي گهوڙاٻاري مان ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري .حميد پنهور ،تعلقي ٺٽي مان شفقت حسين شاه ،رياض شاھ ڊاڪٽر واحد سومرو پير غلام رحماني صادق ميمڻ  ،،تعلقي ڪيٽي بندر مان عزيز ڀٽي سڪندر شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻيءِ ۾  پي ڊي ايم جي ڪراچي واري جلسي ۾ روانو ٿي ويو. ان موقعي تي پ پ سينيٽر سسئي پليجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ وفاقر وزيرن کي چئلينج ڪيان ٿي تہ اڄ ڪراچي وارو اچي جلسو ڏسي وٺن، ماڻھن جو ھڪ ئي نعرو آھي ته ھن غير آئيني حڪومت کي وڃڻو پوندو.  پ پ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ چيو پ پ سان ٺٽي ھميشہ پاڻ ملھايو آھي اڄ سڄي ضلعي مان اسان جي ايم پي ايز جي اڳواڻي ۾ ھزارين گاڏين جا قافلا نڪري چڪا آھن مھنگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.  پارليامينٽ جي ھوندي صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو پارليامينٽ کي ھلڻ نٿو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.