قربان عمراڻي صحافت سان عشق ڪري ٿو: عاجز جمالي

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سنڌ جي نالي واري سينيئر صحافي قربان عمراڻي سان سڪرنڊ ۾ سنڌ جاڳرتا فورم پاران سندس صحافتي ۽ سماجي  خدمتن عيوض مڃتا تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ سياسي ، سماجي ، اديبن ، شاعرن ، صحافين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري کيس لفظن سان گڏ اجرڪن ، سنڌي ٽوپي ، گلن ۽ پين جا تحفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي سينيئر صحافي عاجز جمالي چيو ته سڪرنڊ سجاڳ آهي جو هتان جو صحافي اديب ، سوشل ورڪر پنهنجي جاکوڙ جاري رکيو اچي. ايئن ئي قربان عمراڻي صحافت سان عشق ٿو ڪري جو رات هجي يا ڏينهن هجي پر هو پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو آهي. ان موقعي تي قربان عمراڻي چيو ته مان ڪوشش ڪندو آهيان ته مسڪين ۽ ڪپڙا ڦاٽل ماڻهن جي احتجاج ۾ انهن سان گڏ بيهان ڇو ته اهو شخص اس ۾ بيهي احتجاج ڪري ٿو ۽ هو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي ۽ محسوس ڪري ته صحافي اسان سان گڏ آهن. نالي واري اديب ماڻڪ ملاح چيو ته سڪرنڊ جي صحافت جو ميدان وڏي ڪرسي آهي، ان موقعي تي، علي نواز ڏاهري،حسين ڪيريو، ايم بي ڏاهري، غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.