غوثپور ۾ ڪارنهن ۽ قتل جو جرڳو، ڏوهي ڌر تي 62 لک ڏنڊ مقرر

غوثپور( ن ع آ ) غوثپور ڪشمور ضلعي ۾ ڪارو ڪاري جا جرڳا معمول بڻيل سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي سرعام ٿيڻ لڳي تعلقي تنگواڻي ۾ جمال پوليس جي نگراني ۾ ڪارو ڪاري جا جرڳا ٿيڻ  لڳا سرپئنچ وڏيرن جا ڀاڳ کلي ويا آهن ڪاري ڌر مٿان پنهنجي پڳ جا ڏنڊ به رکيا وڃن ٿا سپريم ڪورٽ جي حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ به وڏيرن پوليس جي نگراني ۾ پنهنجي رواج کي قائم رکيو آهي غوثپور ويجهو ڳوٺ ڦالائي خان چولياڻي ۾ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گذريل هڪ سال کان ڪارو ڪاري جو تڪرار هلندڙ هو مقدم شير احمد باجڪاڻي نادر چولياڻي عزيز الله جعفري جي سرپئنچي ۾ عبد الوحيد چولياڻي جي قتل جو ڏوهه ثابت ۽ ڪارنھن جو الزام ثابت ٿيڻ تي اسماعيل چولياڻي واري ڌر مٿان  62 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو  1 لک نجم الدين جي ڌر کي ادا ڪيا سال اڳ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان ٿيل جھيڙي دوران نوجوان وحيد چولياڻي قتل ٿي ويو هيو جنهن جو جرڳو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.