لاڙڪاڻي جا 6 ڄڻا ڪوٽن ۾ قيد، وارثن جا احتجاجي مظاهرا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ وارثن پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر هٿن ۾ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي  اقصيٰ دايو، افسانه دايو، مختيار بيگم چانڊيو، عبدالڪريم ٽڳڙ، ضياءُ الدين مغيري ۽ ٻين چيو ته 29 مئي 2017ع تي شهر جي نظر محلا مان نوجوان انصاف دايو، شهر جي ايوب ڪالوني مان 23 آگسٽ 2018ع تي پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ ۽ 26 نومبر 2019ع تي شهر جي خالق ڪالوني مان پورهيت نوجوان غلام عمر مغيري کي کنڀي گم ڪيو ويو جڏهن ته 7 جولاءِ 2020ع تي عاقب چانڊيو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو هو. هنن چيو ته اسان سڀني جو واسطو وچولي طبقي سان آهي اسان جي نوجوانن جي کنڀجڻ بعد گهر جا چلها وسامي ويا آهن ۽ نوجوانن جون مائرون پڻ بيماري جي بستري تي آهن جيڪڏهن اسان جي نوجوانن مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو ڪيس داخل آهي ته کين لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي پر سالن کان وٺي کين قيد ڪري اسان کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آهي. جنهن ڪري اسان کان پنهنجون خوشيون به وسري ويون آهن. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

رتيديري لڳ همراهه گم، وارث پريشان

رتوديرو (ن ع آ ) ٽن مهينن کان همراه پراسرار نموني گم ، گم ٿي ويل همراه جا وارث سخت پريشان : خبر موجب بلوچستان صوبي جي  ڳوٺ حاجي يار محمد کوسو جي رهواسي سڪندر کوسو رتوديرو پريس ڪلب ۾ مقامي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ 26 ورهين جو محراب پٽ خان محمد گذريل ٽن مهينن کان اوچتو گم ٿي ويو آهي هن ٻڌايو ته اسان پنهنجي ڳوٺ کان خير پور ضلعي جي شهر چونڊڪو ۾ هارپو ۽ مزدوري ڪرڻ لاءِ اتي رهندا آهيون جتان منهنجو ڀاءُ خبر ناهي ته پراسرار نموني ڪيئن گم ٿي ويو آهي هن چيو ته گم ٿي ويل جي اسان ڳولها ڪئي آهي پر ڪٿان به هن جي باري ۾ ڪا خبر نه ٿي پوي ٽي ڏينهن اڳ رتوديرو شهر ۾ سندس جي موجودگي جو اطلاع اسان کي مليو هو پر هتي آياسين ته هن جي ڪا به خبر نه پئي ته ڪيڏانهن هليو ويو سندس جي اهڙي پراسرار طور گمشدگي جي ڪري اسان سخت پريشان آهيون هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته سندس گم ٿي ويل ڀاءُ جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي

عثمان شاهه هڙي ڀرسان گم ٿيل عورت جو پتو نه پيو، وارث پريشان

عثمان شاهه هڙي (ن ع آ) عثمان شاهه هڙي ويجهو ڳوٺ ٽنڊي سومرو جي رهواسڻ مسمات عربي رونجهاڻي جنهن جو دماغي توازن  درست نه آهي گّذريل ڏينهن صبح جو گهران نڪري وئي ڪافي ڳولا ڪرڻ بعد ۽ سندس پيرن جي نشان تي ڳولا ڪندي سندس چپل نصير واهه جي بند تي مليا آهن، جنهن ڪري خدشو آهي ته عورت واهه ۾ ٻڏي وئي هجي جڏهن ته واهه ۾ به ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر اڃان تائين ان جو لاش نه ملي سگهيو آهي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته عورت ڪنهن ٻي پاسي وئي هجي.

ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، پسند جي شادي ڪئي آهي:راڌڻ واسڻ

حيدرآباد (رپورٽر) ميهڙ لڳ راڌڻ اسٽيشن جي رانگڙ محلا جي رهواسڻ سپنا خاصخيلي پنهنجي مڙس وقار علي سان گڏجي  ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو هن 24 جون تي حيدرآباد ۾ راڌڻ جي رهواسي وقار علي سان پسند جي شادي ڪئي آهي، جنهن تي منهجا مائٽ مون مٿان ڏمرجي پيا آهن ۽ هو مون کي ۽ منهنجي مڙس وقار کي مارڻ لاءِ ڳولهي رهيا آهن. هن چيو ته هن پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي.17

ڪنڊياري ۾نينگري کي کنڀي زيادتي جي ڪوشش

ڪنڊيارو (ن ع آ) ڳوٺ جَواڻ سولنگي ۾ 9 ورهين جِي نينگري کي کنڀي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جِي ڪوشش ڪئي وئي. نينگري جي رڙين تي جوابدار کولُو ماڇي فرار ٿيڻ ۾  ڪامياب ٿي ويو. پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بدران رڳو اين سي داخل ڪري نينگر ي جَي وارثن کي واپس موٽائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.