سکر ۾پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، شهري ڦڙي لاءِ پريشان، احتجاج

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر جي ڪامورن جي نااهلي، شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند پيل، شهري پري پري کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور، انتظاميا اک نه پٽي، احتجاج،  خبرموجب سنڌو درياهه تي سکر بئراج جي ساڄي ڪپ تي اڏيل سنڌ جي ٽين وڏي تاريخي شهر سکر ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هجڻ سبب شهري سخت گرمي ۾ پري پري کان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀري اچي رهيا آهن، سکر انتظاميا ۽ ڪامورن  جي نااهلي سبب شهر ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي پئسن عيوض وڪرو ٿي رهيو آهي. پراڻو سکر واري علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هجڻ سبب مسجدن ۾ وضو لاءِ پاڻي به ناهي بچيو، هوڏانهن نئون پنڊ جي رهواسين پاران شهر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف عبدالحميد شيخ، محمد قاسم مهر، جاويد ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، شهرين کي هٿن ۾خالي ٿانو کنيل هئا. ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ کاتي پاران سکر شهر ۾ واٽر سپلاءِ جا انتظام سنڀالڻ بعد سکر شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، شهر جي پراڻو سکر، رائل روڊ، پيرزادا روڊ، بکر چوڪ، وسپور، ٿرمل ڪالوني، شاليمار، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، اسلام ڪالوني، ٽڪر پاڙو، پٺاڻ ڪالوني، درزي پاڙو، وسير پاڙو، گوليمار، شڪارپور ڦاٽڪ، شڪارپور روڊ سميت اڌ کان وڌيڪ شهر ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند پيل آهي، جنهن سبب سخت گرمي ۾ پري پري کان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀري اچي رهيا آهيون. ڪيترائي ڀيرا پبلڪ هيلٿ کاتي توڙي ميونسپل عملدارن کي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ شڪايتون ڪرڻ باوجود شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي ختم نه پيو ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪري پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ٺل کي پيئڻ جو پاڻي نه مليو، احتجاجي مظاهرو

ٺل (ن ع آ) ٺل ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي،2012ع ۾ منظور ٿيل 58 ڪروڙ 57 لک روپين جي لڳت سان واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ ڪرپشن ٿيڻ ۽ ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري ٺل جا شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهن،ٺل شهر جا رهواسي پئسن عيوض مٺو پاڻي خريد ڪري رهيا آهن،گذريل پنجن مهينن کان شهرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي پر افسوس جو چونڊيل نمائندن کي جونءَ به چڪ ناهي پاتو،ٺل جي شهرين پاران“ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي”احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي وئي آهي،ڪالهه جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهرين جي هٿن ۾ بينر،پلي ڪارڊ هئا جنهن تي پاڻي جي لاءِ مختلف نعرا لکيل هئا،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو،مولوي نظام الدين بنگلاڻي،آدرش سنڌي، امام الدين سرڪي،سليمان ٻرڙو،حاڪم ڊول،علي حسن ڀٽي،ظفر لاشاري،اصغر لاشاري،ارشاد ڪنراڻي ۽ ٻين چيو ته 2012ع ۾ منظور ٿيل پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم اٺ سال گذري وڃڻ جي باوجود مڪمل نه ٿي سگهي آهي،58 ڪروڙ 57 لک روپين جي لاڳت سان منظور ٿيل اسڪيم ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي،ٺيڪيدارن پاران پئسا جاري ڪرائيندي هڙپ ڪيا ويا آهن پر افسوس جو هن مهل تائين اسڪيم جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.

جوهي ۾پاڻي کوٽ، رهواسي سراپا احتجاج

جوهي (ن ع آ ) جوهي ۾پاڻي کوٽ خلاف رهواسي سراپا احتجاج بڻيل آهن، آبادگارن غلام قادر رند، امام علي رستماڻي، ميهر گاڏھي، مير محمد لغاري، جهنڊو لغاري، خان محمد رودناڻي، صفر لنڊ، گلشير رند ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته منڍ جي پاڻي چورن جو فصل لهي مارڪيٽ ۾  پهچي  ويو آھي، اسان آبادگار زرعي پاڻي جي حاصلات لاءِ روڊن تي ٻاڪاري رهيا آھيون، هنن چيو ته پاڻي چور ۽ آبپاشي انجنيئر آبادي جو پاڻي ڏيڻ بدران ايم اين وي ڊرين جو زهريلو پاڻي ۽ مختلف ڍنڍن سميت جوهي ڊرينيج سسٽم ناڪارا جو بدبودار  پاڻي اسان  متاثرين آبادگارن جي  شاخن ۾ ڇڏيو ويو آھي، جنهن سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمينو خراب ٿي رهيون آھن، ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آر مي چيف، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي چورن خلاف فوري ايڪشن کڻي انهن خلاف ايف آءِ آر درج ڪري جوهي جي پڇڙي جي سمورين متاثرن شاخن ۾ ايمر جنسي بنيادن تي زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.