محرابپور ۾ عزيز ميمڻ ڪيس ۾ انصاف لاءِ احتجاج

محرابپور(ن ع آ) محرابپور ۾ اڄ شام يونين آف جنرلسٽس ضلعو نوشهرو فيروز پاران ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي شهيد صحافي عزيز  ميمڻ جي قاتلن ۽ سهولتڪارن مشتاق سهتو ۽ سندس ڀاءُ کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف وڌڻپوٽا پيٽرول پمپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي ضلعي نوشهرو فيروز جي اڳواڻ زاهد قائم خاني ، قاضي علي محمد ، دودل نوهپوٽو ڪري رهيا هئا ان موقعي تي يونين آف جنرلسٽس جي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جا ستن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي مگر قتل ۾ ملوث جوابدار ۽ سهولتڪار مشتاق سهتو ۽ سندس ڀاءُ کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گرفتار ڪري نه سگهيا آهن.  هنن چيو ته شهيد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي آسمان ڳي ويو يا زمين ڳي وئي شهيد عزيز ميمڻ جا قاتل قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گرفتار ڪري نه سگهيا آهن هنن چيو ته الٽو ڪيس کي خراب ڪرڻ لاءِ شهيد جي وارثن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حيثايو ڌمڪايو پيو وڃي هنن مطالبو ڪندي چيو ته شهيد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ۽ شهيد جي وارثن هٿ ٺوڪيا ڪيس ختم ڪري شهيد جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو پوري سنڌ ۾ وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.