ڏهرڪي-ريتي روڊ زبون، احتجاجي مارچ، ڌرڻو

ڏهرڪي/اوٻاوڙو/ريتي (نمائندن وٽان) ڏهرڪي تعلقي سميت ريتي جي عوام حقن لاء ميدان ۾ نڪري پيو چونڊيل نمائندن ۽ سياسي مخالفت ۽ انتظامي لا پرواھي خلاف ريتي کان ڏھرڪي ريتي روڊ نه ٺھڻ خلاف  سوين ڳوٺاڻن جو نٽھڻ اس ۾ چار ڪلو ميٽر پيرين پنڌ ڪري احتجاجي مارچ مظاهرو ڪيو ويو ريتي يوٿ فورم جي اڳواڻن علي رضا چاچڙ ماجد زمان،عبدالحق لاشاري ، امجد شر ،ايڊووڪيٽ مڪيش ڪمار ،انيل ڪمار  ريتي روڊ سان گذرندڙ سوين ڳوٺن جي رهواسين سياسي سماجي تنظيمن ريتي شھر کان نرلي مائنر تائين چار ڪلو ميٽر نٽھڻ اس۾ پيرين پنڌ ڪري وڏي احتجاج مظاھرين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ريتي ڏھرڪي روڊ زبون ھال ٿي ويو آهي.  پندرھن منٽ وارو سفر ھڪ ڪلاڪ ۾ ٿئي ٿو ڪيترائي بيمار مريض ڊليوري لاءِ ويندڙ عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون. ريتي جي علائقي۾ OGDCL ۽ ماڙي پيٽروليم ڪمپني جا ڪيترائي گئس جا کوھا ۽ پنج شگرملون آهن اسان جا سياسي نمائندا ھر ڀيري ووٽ وٺي ٺلها آسرا ڏيئي گم ٿي ويندا آهن ھنن ريتي واسي پي ٽي آء جي ايم پي اي شهريار شر پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعلي سنڌ ايم اين اي سردار محمد بخش مھر ايم اين اي خالد خان لنڊ ، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي سميت سڀني وس وارن کان روڊ ٺاھي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي روڊ نه ٺھڻ جي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻي ھڻڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.