”نواز شريف جي زبان بند نه ٿي ته ڇڪڻي پوندي“

 

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ ڀرپور سفارتي لاڳاپا استعمال ڪيا ويندا.

ٽيڪسلا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي غلام سرور خان چيو ته حڪومت ڀرپور زور لڳائيندي ته ملڪ دشمن نواز شريف کي وطن واپس آندو وڃي، نواز شريف تي ٻيا به ڪيس ڪيا ويندا، نواز شريف سان گڏ سندس اولاد کي به واپس آڻينداسين، جيڪڏهن نواز شريف جي زبان بند نه ٿي ته ڇِڪڻي پوندي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ ملڪيتون ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو، ادارن خلاف پروپئگنڊا ڪري نواز شريف ملڪ دشمنن کي خوش ڪيو، نواز شريف خلاف غداري جو ڪيس ڪرڻ عوامي مطالبو آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز پاڪستان جي ڳالهه ڪن نه ته عوام کين عربي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.