ٽنڊوالهيار: موٽرسائيڪل ۽ مزدا وچ ۾ ٽڪر، زال مڙس فوت

ٽنڊي الهيار ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ مزدا وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس فوت ٿي ويا.

قيصر سِينهڙو اسٽاپ لڳ اڪبر واٽر وٽ موٽر سائيڪل ۽ مزدا وچ ۾  ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 40 ورهين جو فيض محمد سولنگي ۽ سندس گهر واري صائبه ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مزده کي تحويل ۾ وٺي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي زال مڙس حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جا رهواسي آهن جيڪي ٽنڊو آدم ڏانهن وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.