عمران خان پاڻ تسليم ڪيو ته هاڻ اصلي وزيراعظم ايندو: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم سميت سمورا وزير پنهنجو ڪم نه پيا ڪن، هنن پاڻ مڃيو ته هاڻ اصلي وزيراعظم ايندو.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪي چوندا آهن گهٻرائڻو ناهي، اهي پاڻ اندران گهٻرايل هوندا آهن، عمران خان چيو ڪيس تيز هلندا، ڇا هو عدليا تي الزام هڻي رهيو آهي.

هن چيو ته آصف زرداري اسپتال ۾ موجود آهي، وارنٽ بدنيتي تحت جاري ڪيا پيا وڃن، آصف زرداري کي صحت جي بنيادن تي ضمانت ملي آهي، ان ظلم کي عوام وڌيڪ برداشت نه ڪندو.

پي ڊي ايم جي ڪراچي ۾ جلسي بابت سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا وائرس ايس او پيز تحت ڪرسين ۾ وٿي رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.