سزا يافته ڏوهاري سوال ڪرڻ جو حق نٿو رکي: اسد عمر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته نواز شريف جو مسئلو ڪنهن فرد نه پر ادارن سان آهي ۽ هر هنڌان ناڪاميءَ کانپوءِ هاڻ کيس جمهوريت ياد اچي وئي.

ڪراچي ۾ وفاقي وزير علي زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته نواز شريف هڪ سزا يافته ڏوهاري آهي، جيڪو سوال ڪرڻ جو ڪو حق نٿو رکي، لنڊن ڀڄندڙ نواز شريف جون تقريرون سول بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ نه پر پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ آهن.

هن چيو ته نواز شريف جو پنهنجو ڀاءُ ۽ پارٽي جا ماڻهو اين آر او گهري رهيا آهن، توهان پنهنجا نمائندا ملاقاتن لاءِ ڇو موڪليندا آهيو؟ جڏهن توهان کي هر هنڌان ناڪامي ملي ته توهان کي جمهوريت ياد اچي وئي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي ادارن تي اعتراض آهي، نواز شريف جي تنقيد ادارن تي آهي، جيڪي ان جي اطاعت نه پيا ڪن، توهان کي ڌمڪيون ڪم نه اينديون، اهو ڀارت جو موقف نه هلندو، هن هڪ تقرير ۾ ”نئون عمران خان“ ٺاهي ڇڏيو، جيڪڏهن بهادر آهي ته ان جي واتان ڪلڀوشن جو نالو ڇو نٿو نڪري؟

ان موقعي تي وفاقي وزير علي زيدي چيو ته سڀ کان وڌيڪ غربت سنڌ ۾ آهي ۽ سنڌ جا حڪمران سنڌ کان وڌيڪ امير آهن، جيڪا متحده باني ڪراچي سان ڪيو، اهو ئي آصف زرداري سنڌ سان ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري زندگي ۾ هڪ ڏينهن به آفيس ۾ ويهي ڪم نه ڪيو، احتساب جو نالو ئي جمهوريت آهي، نئون عمران خان ميدان ۾ لهي پيو آهي، جيتري مرضي ڪرپشن مهم هلايو ڪجهه نه ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.