نواز شريف کي ملڪ خلاف ڳالهائڻ جو نقصان ٿيندو: شيخ رشيد

 

حسن ابدال (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چئن مهينن ۾ اپوزيشن جا سمورا ڪيس فائنل ٿي ويندا ۽ جنهن جنهن انب چور کاڌي آهي، ان کي ڦڪي ڏني ويندي.

حسن ابدال ريلوي اسٽيشن تي صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف پنهنجي سياست جو جنازي ڪڍي ڇڏيو آهي، پاڪستان خلاف ڳالهائڻ جو کيس نقصان ٿيندو.

هن چيو ته 3 پارٽين جون الڳ الڳ ايجنڊائون سامهون آيون آهن، 31 ڊسمبر کان 20 فيبروري تائين ٻُهارو ڦرندو، خوشي جي ڳالهه آهي ته عمران خان فرنٽ فوٽ تي اچي ويو آهي ۽ هن انهن کي نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.