جهڏو: ڳوٺاڻن جو ا مام بارگاهه ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

جهڏي ڀرسان ڳوٺاڻن پاران امام بارگاهه ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جھڏو لڳ ڳوٺ حيات خاصخيلي واسي پورهيت عبدالحسين ڀٽي، مسمات حالي ڀٽي، محمد قاسم ۽ ٻين ڳوٺ جي بااثرن ۽ پنگريو جي پوليس زيادتين خلاف احتجاج ڪيو،

ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر شخص قديمي امام بارگاهه، ۽ سندن تي قبضو ڪري پنهنجا دڪان اڏي ورتا آهن،

هنن الزام هڻندي چيو ته شڪايت داخل باوجود پوليس پوليس ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، جڏهن ته پوليس بااثر کان رشوت وٺي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي، جنهن سبب اسان مجبور ٿي ايس ايس پي بدين کي درخواست ڏني پر پوليس قبضا گروپ جي ونگار وهندي ايس ايس پي بدين کي اسان جي خلاف غلط رپورٽ ڏني آهي،

ڳوٺاڻڻ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرائي، بااثر قبضا مافيا، ۽ مقامي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ صاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.