ڪلوئي: نوجوان اتحاد جو بند پيل اسڪولن جي بحالي ۽ سنڌ جي بيٽن تي قبضي خلاف احتجاج

ڪلوئي ۾ بند پيل اسڪولن جي بحاليءَ  لاءِ ءٌ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف نوجوان اتحاد پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ڪلوئي نوجوان اتحاد  جي اڳواڻن ڊاڪٽر غلام الله بچاڻي،  روحيل سميجو،  عمر سنڌي ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک چوڪ تي بک هڙتال ڪئمپ هڻي احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي کي پنهنجي امڙ سمجھون ٿا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت  آهن ۽ رهندا. ٻيٽ ته ڇا پر سنڌ جو ھڪ انچ به ڏيڻ لاء تيار ناھيون۔

هنن چيو ته صدارتي آرڊينيس کي  ايسٽ انڊيا جو تسلسل سمجھون ٿا، سنڌ  ڪنهن جي ڪالوني ناهي نه وري فتح ڪيل علائقو آهي.

ڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪلوئي تعلقي جا بند پيل سمورا اسڪول کولي تعليم جون جديد سھوليتون فراھم  ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا ـ

احتجاج ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن مولابخش بجير ۽ گل حسن لنڊ سميت ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.