نوابشاهه: سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل 4 زخمي

نوابشاهه ڀرسان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي گوليون لڳڻ سبب  هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

گپچاڻي ٿاڻي جي حد گلڻ واٽر وٽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھڙو ٿي پيو جنهن سبب گوليون لڳڻ ڪري نوجوان صدام بروهي موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته عطا محمد شاه محمد بختاور ۽ احمد بروهي سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو اسپتال آندو ويو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنھي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھيو جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.