نواب ولي محمد : ايس يو پي جو سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاج

نواب ولي محمد ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ايس يو پي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ايس يو پي ڪارڪنن  علي حسن چانڊيو، محمد بخش پرھيار، شريف سولنگي، ملهار چانڊيو،  ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي،

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته وفاق طاقت جي زور تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري رهيو آهي سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، غير قانوني طور صدارتي آرڊيننس وسيلي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار ڪڏهن برداشت نه ڪئي ويندي ،

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضا ختم ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.