قمبر: ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

قمبر شهدادڪوٽ باء پاس روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾  آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار مظهر علي ڏيپر سميت ٽي ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي شعبه حادثات منتقل ڪيوجتي سندن علاج هلندڙ آهي.

ماڻهن جو چوڻ هو ته واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو جڏهن  ته زخمين جي نازڪ حالت ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.