ريتي: ريتي ۽ ڏهرڪي کي ملائيندڙ روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ريتي ۾ مختلف تنظيمن پاران ريتي ۽ ڏهرڪي کي ملائيندڙ روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهر جي سياسي سماجي ڪارڪن پاران پاڪستان چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري نٽھڻ اس تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن علي رضا چاچڙ، امجد شر، عبدالحق لاشاري، اسلم چاچڙ، ايڊوڪيٽ مڪيش ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي ضلع جي ٻن تعلقن کي ملائيندڙ ريتي ڏهرڪي روڊ گذريل ڏهن سالن کان زبون حالي جو شڪار بڻيل آھي ھي.

هنن چيو ته ته ضلعي ۾ OGDCLجا کوها ۽ پنج شوگر ملز هجڻ باوجود ڪنهن به ريتي شھر جي سار ناهي لڌي ،جڏهن ڪنهن بيمار مريض کي اسپتال پهچائڻ لاءِ شھر طرف کڻي ڄون ٿا ته هو رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ٿو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته هو چونڊيل نمائيندن، ضلع انتظاميه ۽ سنڌ گورنمٽ کان اپيل ڪن ٿا ته جلد کان جلد روڊ جو مرمتي ڪم ڪارايو وڃي ٻئي صورت ۾ ايندڙ بلدياتي اليڪشن جو مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.