مولانا فضل الرحمان جي آصف زرداري سان ملاقات

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي.

جمعيت علماءِ اسلام (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي ڪراچي ۾ جلسي ۾ شرڪت لاءِ گذريل رات ڪراچي پهتو هو، اڄ فضل الرحمان پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان آصف زرداري سان ملاقات لاءِ ڪلفٽن جي نجي اسپتال پهتو، جتي هن اڳوڻي صدر جي عيادت ڪئي ۽ کانئس خيريت معلوم ڪئي.

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ اپوزيشن مخالف اتحاد تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.